SLA Logo
آن لائين سنڌي لغتون

Online Sindhi Dictionaries

لفظ ٽائيپ ڪريو


Welfare state

click word to listen sound (Source: google)
  • 🔊
  • welfɛərsteit

From the Dictionary of Commerce & Banking:

Welfare state

فلاحي مملڪت


From the Dictionary of International Relations:

Welfare state

ويلفيئر اسٽيٽ

فلاحي رياست

هڪ اهڙو رياستي سرشتو ، جنهن ۾ ڪا به حڪومت عوام جي معاشي ۽ سماجي ڀلائيءَ لاءِ اُپاءَ وٺندي، گهربل بُنيادي شهري سهولتون فراهم ڪندي ، انساني زندگيءَ کي آسان ، تندرست ۽ انصاف ڀريو بڻائڻ لاءِ پاڻ پتوڙي . ’فلاحي رياست، جو بنياد برابريءَ جي بُنياد تي موقعن جي حاصلات ، پونجيءَ جي انصاف ڀري وِرڇ ۽ اڻ- هوند وارن طبقن کي معياري زندگي آڇڻ لاءِ کين رياستي امداد جي فراهميءَ وارن اُصولن تي بيٺل آهي . اهڙو عام ڀلائيءَ وارو پروگرام عام طور تي طبقاتي ۽ سماجي فرق کان مٿڀرو ٿي رياست جي هر ان شهريءَ لاءِ هجي ٿو، جنهن کي انفرادي زندگي گهاريندي ڪيترين سماجي ۽ معاشي تڪليفن کي منهن ڏيڻو پوي ٿو . ڪنهن به ”فلاحي رياست“ ۾ هر شهريءَ جي زندگيءَ جو معيار بهترڪرڻ لاءِ حُڪومتي سطح تي رٿابندي ڪندي ، کيس هر بنيادي سهولت فراهم ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي وڃي ٿي . انهن سهولتن ۾ عام رواجي سماجي گُهرجن جو پوُرائي ، جنگ کان پرهيز ، واپار تي ضابطي ، رياستي وسيلن جي سماجي ڀلائيءَ جي حوالي سان صرفي ۽ رياستي ڌَنَ کي عوام ڏانهن منتقل ڪرڻ جا شرط به شامل آهن . ٽئڪسن جو معقول سرشتو ، سماجي تحفظ ، بيروزگاريءَ جو خاتمو، زراعت تي مراعتون ۽ حڪومت طرفان سستيون بستيون جوڙڻ جون رٿائون، انهيءَ سلسلي جون اهم ذميواريون آهن . اڄوڪي دور ۾ سُئٽزرلئنڊ ، سويڊن ، ناروي ، فِنلئنڊ ۽ ڊينمارڪ کي اُهڃاڻي فلاحي رياستون سمجهيو وڃي ٿو . جديد فلاحي رياستي سرشتي ۾ پُروُشيا جي مدبر حاڪم ’اوٽو وان بسمارڪ‘ کي مُهندار سمجهيو وڃي ٿو ، جنهن 1840ع جي ڏهاڪي ۾ سياسي حمايت حاصل ڪرڻ جي خيال کان پنهنجي رياست اندر عوامي ڀلائيءَ جي ڏس ۾ رٿابندي ڪندي انساني سهولتن جي فراهمي ممڪن بڻائي


Remember Me Also:

چنجهائي

ث. سَنَهه اکيائي. جهانوِرائي ، ڪوتاهه نظري. چُچائي چُچائي.

Let's Learn Sindhi

Online Sindhi Learning

SLA has developed online Sindhi Learning portal where non Sindhi speakers can easily learn Sindhi Language, which is developed from basic level to advance. This portal is based on Dr. Fahmida Hussain’s linguistic methodology of learning.

Visit the site

Virtual Books Library

SLA has developed virtual library where bulk amount of books in Sindhi Language’s history, learning, are posted as downloadable & online readable format. This library is developed for all platforms and systems for better access.

Visit the library

Portal for Sindhi Kids

For the Sindhi kids who are studying in primary schools, SLA has presented online academic songs extracted from their text books in musical structure. The soothing portal is ideal for Sindhi primary students.

Go to portal